ٽاڪرو ٽولارو

ٽاڪرو ٽولارو Dunlin / Calidris alpina: هڪ ننڍي جسامت واري هن ٽيٽي پکيءَ جا نر ماد هڪجهڙا ٿيندا آهن. هي پکي ڏسڻ ۾ ننڍي سادي ٽيٽي جهڙو آهي. هن جي پٺي سرمائي ناسي ۽ پيٽ اڇو، هن جي ڇاتيءَ تي سنها سرمائي لينگها ٿيندا آهن، ٽنگون ۽ پير ڪارا ٿينس ٿا. ڊگهي چهنب جي نوڪ وٽ هلڪو خم ٿئيس ٿو. اونهاري ۾ هن جي پيٽ تي ڪارو چٽو نظر ايندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو